شامت اعمال

شامت اعمال

شامت اعمال

شامت اعمال (ڪتاب): هن اصلاحي ناول جو ليکڪ محمد عيسيٰ نظاماڻي آهي. هيءُ ناول 29 عنوانن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي ارپنا مير الهه بچايو خان ٽالپور کي ڪيل آهي. هن ناول جي عنوانن ۾ ڳجهارت، ميدان عمل، عشرت محل، تنگدسي، ڪايا پلٽ، عجيب خواب، شامت اعمال، درس عبرت، اعمالنامان، شهيد، خدا ترس، جانباز عورت، تربيت گاهه، گدلي زال، جاهل پيءُ، مغرور دولتمند، شريف بدمعاش، نظربندي، ڇوٽڪارو، نئين زندگي، لاغرض مڙس، رياڪار صوبيدار، بدنيت عورت، ميلو، محشر ۽ سڀاڳي شامل آهن. هن ڪتاب جو ديباچو محمد قاسم شيخ لکيو آهي. 127 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي آفتاب اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد 1947ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت هڪ آنو، چار پئسا ڄاڻايل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو